اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم جي آرمي چيف کي ٽيليفون،توهان جهڙو سربراهه ملڻ خدا جو خاص فضل آهي:شهبازشريف

اسلام آباد/راولپنڊي:جنرل آصف منير پاڪ فوج جي 17 هين سربراهه طور ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن. وزيراعظم شهباز شريف آرمي چيف جنرل عاصم منير کي ٽيليفون ڪري کيس عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني ۽ چيو ته فوج کي توهان جهڙو سربراهه ملڻ الله پاڪ جو خاص فضل آهي. جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ پاڪ فوج جي ڪمان جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي جنهن جو خاص مهمان رٽائرڊ ٿيندڙ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا هو. تقريب ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، هٿياربند فوج جي سربراهن، سينيئر حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسرن، سندن فيمليز کانسواءِ وفاقي سيڪريٽريز پڻ شريڪ ٿيا. ان کانسواءِ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ۽ سڌ سماءُ واري وزير مريم اورنگزيب پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي شروعات ۾ پاڪ فوج جي رٽائرڊ ٿيندڙ سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا ۽ نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير پھرين شھيدن جي يادگار تي حاضري ڏني، جتي شھيدن جي يادگار تي گل چاڙھيا ۽ شھيدن جي مغفرت لاءِ دعا گھري، ان کانسواءِ پاڪ فوج جي بينڊز قومي تراني ۽ ملي نغمن جون ڌنون پيش ڪيون ۽ قومي پرچم کي سلامي ڏني وئي. تقريب جي خاص مهمان جنرل قمر جاويد باجوا جي جنرل عاصم منير سان گڏ پنڊال آمد تي گارڊز کيس سلامي ڏني جنهن کانپوءِ ڪلام پاڪ جي تلاوت سان تقريب جي شروعات ڪئي وئي جنهن کانپوءِ قمر جاويد باجوا کي الوداعي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. رٽائرڊ ٿيندڙ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آرمي ڪمان جي علامت سمجهي ويندڙ ملاڪا اسٽِڪ اعزازي شمشير جنرل عاصم منير جي حوالي ڪئي ۽ کيس ڀاڪر پائي مبارڪباد ڏني. فوج جي ڪمان سنڀالڻ کانپوءِ جنرل عاصم منير پاڪ فوج جي 17 هين سربراهه هئڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف آرمي چيف جنرل عاصم منير کي ٽيليفون ڪري کيس عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني ۽ چيو ته فوج کي توهان جهڙو سربراهه ملڻ الله پاڪ جو خاص فضل آهي. سرڪاري پڌرائيءَ موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان آرمي جي سپهه سالار جو عهدو سنڀالڻ وڏو اعزاز آهي، پاڪ آرمي کي توهان جهڙو پيشيوراڻي قابليت رکندڙ سربراهه ملڻ الله پاڪ جو خاص فضل آهي. هن چيو ته اسان کي مڪمل يقين آهي ته توهان جي قيادت ۾ آرمي جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ وطن جي دفاع جي قوت ۾ اڃا واڌ ٿيندي. وطن جي تحفظ ۽ سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي سميت سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ الله پاڪ توهان جي مدد ۽ رهنمائي فرمائي، وطن جي دفاع، سلامتي ۽ تحفظ لاءِ اسان جو توهان سان مڪمل سهڪار رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button