اسلام آبادپاڪستان

عمران اقتدار لاءِ ادارن خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد :سڌ سماءُ واري وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان پنهنجي سياست بچائڻ لاءِ قائداعظم جا فرمان استعمال نه ڪري. هن سوال ڪيو ته ڇا قائد اعظم جو اهو فرمان هو ته عمران خان آئيني ادارن کي آئين ٽوڙڻ تي مجبور ڪري؟ تحفي ۾ مليل گهڙي کپائي ڇڏي؟ مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان صرف اقتدار لاءِ ادارن خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي. عمران خان توشا خانا ۽ فارين فنڊنگ سميت سموري ڪرپشن جو حساب ڏيڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button