اسلام آبادپاڪستان

دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست تي ڪميٽي قائم

اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف دوائن جي اگهن ۾ واڌ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. صحت کاتي پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف فارماسيوٽيڪل ڪمپنين جي دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست تي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حڪومت پاران ڪميٽي جي سربراهي ناڻي کاتي جو وزير اسحاق ڊار ڪندو. جڏهن ته صحت کاتي جو وزير عبدالقادر پٽيل، اياز صادق ۽ ٻيا اعليٰ عهديدار به ڪميٽي جو حصو هوندا. مقامي فارماسيوٽيڪل انڊسٽري جي نمائندگي فاروق بخاري، زاهد سعيد، قاضي منصور دلاور ۽ ٻيا ڪندا. جڏهن ته ملٽي نيشنل فارما سيوٽيڪل ڪمپنين جي نمائندگي ارم شاڪر رحيم ۽ عائشا ٽيمي حق ڪنديون. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪاميٽي دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي مطالبن جو جائزو وٺي فيصلو ڪندي، اعليٰ سطح جي ڪاميٽي ڊرگ پرائسنگ پاليسي 2018 جو به نئين سر جائزو وٺندي. وفاقي اختيارين موجب پاڪستاني فارما سيوٽيڪل انڊسٽري سمورين دوائن جي اگهن ۾ 40 سيڪڙو واڌ جو مطالبو آهي. جڏهن ته دوائن لاءِ جوڙيل ڪاميٽي جو هن وقت تائين ڪو اجلاس ناهي ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button