پاڪستانسنڌ

سن ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شٽربند هڙتال، شهرين جي احتجاجي ريلي

سن: سن ۾ سول سوسائٽي، شھري ايڪشن ڪاميٽي ۽ سياسي تنظيمن پاران 6 ڏينهن گذرڻ باوجود چوري واپس نه ڪرائڻ، چور جي پوليس لاڪپ مان فرار ٿيڻ ۽ وپاري غلام عباس انصاري جي خون سان انصاف لا مڪمل شٽربند هڙتال ڪري جي ايم سيد پليٽ فارم کان احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪري ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن سيد تراب علي شاھه، روپلو سنڌي، ڪامريڊ انور منگھار، وحيد انصاري، شھمير ملاح، مولوي علي بخش الحسيني، نعمت الله شاهاڻي. امتياز ملاح، لونگ خان سومرو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 6 ڏينهن اڳ واپاري غلام عباس عرف ڪلو انصاري جي لکين روپين جي چوري ٿي ھئي، جنهن جا چور ڳولڻ لاءِ جاسوسي ڪتا گھرايا ويا، جن جي ذريعي چور ضيا شاھه کي پڪڙيو ويو پر پوليس جي نااهلي سبب فرار ٿي ويو. اھو پوليس پئسا وٺي چور فرار ڪيو آهي، اھڙي خبر ميڊيا نشر ٿيڻ کانپو رات جو پوليس چور کي پڪڙي لاڪپ ڪيو، جيڪو پوليس جو ڊرامو ھو ۽ 6 ڏينهن گذرڻ باوجود چوري واپس نه ڪرائي آهي ۽ دڪاندار غلام عباس انصاري جي خون کي لوڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا سن جو باشعور عوام برداشت نه ڪندو. هنن چيو ته جيستائين غلام عباس انصاري جي خون سان انصاف نه ٿيندو تيستائين اسان جو احتجاج جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button