پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ واهر نه ٿيڻ خلاف ٻوڏ متاثر جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

ميھڙ: ميهڙ ۾ ڳوٺ سانول ڪرٽيو جي رهواسي مسڪين پورھيت مختيار احمد ڪرٽيو پاڪ ڪتاب کڻي مختيارڪار ميھڙ خلاف آزاد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي روئيندي ٻڌايو ته ٻوڏ سبب گھر. چوپائي مال سميت سڀ ڪجھه تباھه ٿي ويو آهي. ھن چيو ته منھنجا معصوم ٻچڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، گھر ۾ کائڻ لا ڪابه شي نه بچي آھي. ھن چيو ته ٻوڏ دوران اسان کي نظرانداز ڪيو ويو آھي، آيل راشن به من پسند ماڻھن کي ڏنو ويو آھي. اسان کلي آسمان ھيٺ فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون. ھن وقت تائين نه راشن، نه ٽينٽ ۽ نه ئي منھنجو گھر سروي ڪرڻ آيا آھن. ھن مطالبو ڪيو ته مختيارڪار ميھڙ خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي راشن ۽ ٽينٽ ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button