رياض ابڙو
ياسمين چانڊيو جي ڪهاڻين جو مجموعو “ڀانڊارو” سندس پهريون ڪتاب آهي پر پڙهڻ کانپوءِ ائين ڀاسندو ته ليکڪا جا ڄڻ پهرين به ڪتاب آيل هجن ڇو جو ياسمينِ ڪهاڻي جي ڪرافٽنگ ۾ انتها درجي جي مضبوط ليکڪا آهي، ياسمين جي انفرادي خوبي اها به آهي ته هوءَ پڙهندڙن کي هڪ زبردست رواني ٿي بخشي، هوءَ پڙهندڙن کي آبشارن جي وهڪري جهڙي ٻولي جي ڌارا ۾ هلائيندي ٿي هلي ۽ هوءَ قصن ڪهاڻين سان لبريز موضوع ٿي آڇي جنهن ۾ پڙهندڙ ڀرپور نموني محظوظ ٿو ٿئي، ان ڪري اها ڳالھه ايتري ئي توسط سان چئي سگهجي ٿي ته ويجهڙ ۾ ڪهاڻي پنهنجي گھاڙيٽي پٽاندر انتهائي درجي جي ڀرپور پئي سرجي، ياسمين پنهنجن ڪهاڻين ۾ نوان موضوع، منفرد پلاٽ، انوکا تجربا، اڻ ڏٺا مشاهدا ۽ منظرڪشيون، نت نيون منظرنگاريون ۽ اهڙا پُرسوز ۽ ڊائيلاگ کڻي ٿي لهي، ان ڪري اها ڳالهھ به چئي سگهجي ٿي ته جتي مشاهدا وسيع ۽ عريض ٿي پيا آهن ته اتي فصاحت ۽ بلاغت به اوج تي آهي، ان سبب ڪهاڻي ۽ سرجڻهار پنهنجي معراج تي آهن ۽ ڪهاڻيءَ اندر هر طرح ماڊرنزم جي جهلڪ پسجي ٿي ته اتي ڪهاڻين جا مزاج به جارحانا هجن ٿا، ائين ئي ياسمين جا ڪردرا ڪٿي باغي ٿي ٿا پون، ته ڪٿي معاشرتي براين کي نت نئين انداز ۾ نندن ٿا ته ڪٿي ڪهاڻيون روميو جوليٽ جي پيار جا قصا کڻي ٿيون لهن ته ڪٿي ڪردار سيڪسزم ۽ رومينسزم جا راڳ به آلاپن ٿا اتي ڪهاڻيڪار جي گرفت ۽ ڏانءَ جي رمز اها به آهي ته هو ڪردارن جي واتان اهي مڪالمن جون بهترين اڻ ڳڻيون ڊليوريون ۽ پريزنٽيشنز به ڪرائي ٿي ته اهي پُراثر طريقي سان ان ٽارگيٽ کي “هِٽِ” ڪن جتي رائيٽر کي سندس پورهئي جي عيوض داد وصول ٿئي ۽ ان جا پورهيا سڦل ٿين، ان ڪري ڳالهھ ان جذباتيت جي به ناهي ته ڪهاڻي کي ڪا گولي لڳي وئي هجي (هن درو ۾) يا ڪهاڻي مري پئي هجي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن سرجڻهار جي ڪلا ٿڪجي ٿي پئي يا سُست روي ضرور ٿي ڏيکاري اها ٻي ڳالھه آهي.
“جارگن” ان ڳالهھ کي چوندا آهن جنهن ۾ پڙهندڙ کي ڀلي ڀت اها ڄاڻ پوي ته هي رائيٽر آهي ڇا، سندس ڪردار جي نوڪر، فقير، الله لوڪ، درويش، سيڪس انڪلائينڊ، مين ڊاميننٽ سوسائٽي جا علمدار، فيمنزم جي درد جا آلاپ ڪندڙ آهن ته پنهنجي جارگن (ٻولي ۽ ڊڪشن مان بکن) ان ڪري تخليقن جا جارگن ۽ ڊڪشن وڏي اهميت جا حامل هجن ٿا جنهن مان رائيٽر جي ڪرافٽ جي ڀلي ڀتِ خبر پوي ٿي يا ايگزيجريشن (وڌاءَ) به ڪڏهن ڪڏهن سونهين ٿي جڏهن رائيٽر لفظن جي هڻ کڻ لائي ڏئي مثال ياسمين جي هڪ ڪهاڻي “ڪي خواب اڌورا” ۾ ڪردارن کان جيڪو ڳالهارائي ٿي يا جيڪي منظرڪشيون ڪري ٿي ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪردار پڙهندڙ جي اڳيان ڪنهن ڪينواس تي رقص ڪندا هجن، ياسمين ايگزيجريشن (وڌاءَ) ۾ هڪ ماهر رائيٽر پڻ آهي جيئن هي ڊائيلاگ ان ايگزيجريشن واري ڳالهھ تحت رکون ته “ھن ٽيبل جي دراز مان سگريٽ جو پاڪيٽ ڪڍي لائيٽر سان سگريٽ دکايو ڪش مٿان ڪش لڳائيندو رهيو ۽ ٽيبل تي رکيل ايشٽري کي پاڻ طرف اڳتي ڪندي ان ۾ دکيل سگريٽ جو حصو ڇنڊي ان کي غور سان ڏسڻ لڳو، ائين محسوس ٿيس ڄڻ ھن جي اندر جو احساس ھجي جيڪو سگريٽ جيان دکي ايشٽري جي نظر ٿيندو ھجي” يا هڪ ٻيو ڊائيلاگ اٿس جيڪو “نياڻي” ڪهاڻيءَ مان کڻون ٿا “پرھه اڃان ڪونه ڦٽي ھئي، پر تارا اڳواٽ ئي سج جي روشنيءَ کان پاڻ بچائيندي ڄڻ لڪي رھيا ھئا زيبوءَ کي ھڪ لمحي لاءِ محسوس ٿيو ته ھو ٻئي به ته انھن تارن مثل آھن جيڪي زندگيءَ جي تپندڙ سج جي تاءَ ۾ لوڪ کان لڪندا رھندا آھن”.
ڳالھه سڄي رائيٽر جي آبزرويشن جي به آهي، ڳالھه سڄي اردگرد گهمندڙ ڦرندڙ ڪردارن جي به آهي ته ڪهاڻيڪار ان سڄي ماحول ۾ پنهنجي مشاهداتي سائنس ۾ ڪيترو وسيع آهي يا ڪهاڻيڪار جي ڏات جو “ميگنيفاير” ڪيئن ڪم ٿو ڪري ۽ ڪيترو پختو مشاهدو اٿس، جو رائيٽر جڏهن ڪنهن محبت، نفرت، شدت، بغاوت ۽ جارحيت جي ڳالهھ ٿو ڪري ته تڏهن هو ان وارتا کي پاڻ ڪيئن ٿو پَسي، يا ڪنسٽرڪٽوزم يا ماحول جي گھڙت ۾ هوءَ ڪهاڻي جون پنهنجون ميٽافزڪس (جنهن ۾ ڪهاڻي پاڻ هرتو ڪو نمونو يا ڪائنات ٿي ٿي لهي جنهن ۾ پلاٽنگ ۽ ڪردارن جي فڪسيشن به هڪ فن ۽ فڪري بالاتريون بخشي لهي ٿيون پون) تيئن ئي ياسمين جي ڪهاڻين ۾ ڪردارن جو باڪمال هجڻ به سندس بولڊ ڪيريڪٽرائيزيشن، ڊائيلاگ ڊليوري ۽ بيباڪ مقالن کي انفرادي قوت ٿو بخشي، ياسمين جي ڪردارن جي اڻت ان ڳالهھ جو به ثبوت آهي ته هوءَ ڪردارن کي جيئن جو تيئن پيش ٿي ڪري ۽ پنهنجي فني ۽ فڪري انداز سان انهن کي هڪ مخصوص گھاڙيٽي ۾ فٽ ۽ فڪس ڪري ٿي رکي، ان ڪري ڪهاڻيءَ کي ترڪيبن، استعارن، علامتن، مُشبھ، تشبيھه ۽ شَبيهن جي فريمنگ ٿي ڪري ۽ ڪهاڻيءَ جي اهڙي پيشڪش ۽ پريزنٽيشن ٿي ڪري جو پڙهندڙ محظوظ ٿو ٿئي.
ياسمين جا ڪردار ٽائيم ۽ اسپيس جا پابند آهن کيس کي ان ڳالهھ جو ڀرپور ادراڪ آهي ته ڳوٺاڻي پيش منظر ۾ ڪردارن جي نيٽورڪ کي ڪيئن اڻجي يا شهري ماحول ۾ ڪردارن جا پيرا ڪيئن کڻجن جو ڪهاڻي پنهنجي منطقي لاڙن کي ڇهي ۽ ڪردار ان ڪهاڻيءَ کي انفراديت ۽ جلا بخشي جو ڪهاڻي سبق آموز ٿي پئي ۽ عالمگيريت وارو پيغام کڻي لهي، پر ساڳي جاءِ تي سرجڻهار سدائين ۽ هر دور ۾ ان ڳالهھ جو خواهان رهندو آيو آهي ته سندس تخليق تي شارح تجريدي نموني ۽ سهڻي ڪرافٽنگ سان معنوي ۽ تفهيمي بند ٻڌي ۽ سمجهاڻيون ارپي جو پڙهندڙ يا نه پڙهندڙ به اها ڳالهھ ٻڌي ان ڪهاڻيڪار جي ڪتاب کي وري وري اٿلائي اٿلائي پڙهي ڇو ته تخليقڪار جي سونهن، سوڀيا، اٽريڪشن ۽ انٽيليجنس ان جي تخليق ئي هوندي آهي جنهن تي ويهي ڳالهائجي ۽ ان جي ڪرادرن تي ويهي ڊگها ڊگها تبصرا ڪجن ڇو ته اصل ۾ سرجڻهار ان ڳالھه جو حقدار هجي ٿو ته ان جي تخليقن جي اپٽار ڪجي، يا رائيٽر ان ڳالھه جو مدعي هجي ٿو ته ان جي تخليق ماڊرنزم (جديديت) ۾ پائنده رهي يا جنهن به حال پٽاندر اهي تخليقون لکيون وڃن ٿيون ته اهي پوسٽ ماڊرنزم (ايندڙ جدت) ۾ ڪيتريون پائيدار هونديون، يا ميٽافزڪس (معني فطري شين جي مجموعي حالتن کي ذهن ۾ رکي) سرجڻهار اهي ڪرافٽ ۽ ڪاريگريون ڪيئن ٿو سرجي، ان ڪري ڳالھه اها به مقدم هجي ٿي ته ڪهاڻيڪار ان ڳالھه جي پڪ ڪري ته هن جون ڪهاڻيون ڪيتريون جيئريون رهي سگهنديون ۽ ان جي چيل ڳالهھ ڪيتري حد تائين ادبي پنڌ ڪري سگهندي يا پڙهندڙ ان کي ريئلزم يا ڪسنٽڪٽوزم (جنهن ۾ اهي ڳالهيون معاشري ۾ فٽ ۽ فڪس ڪري سگهجن) ان ڪري ياسمين جي ڪهاڻين جي لاءِ اها دعوي انتها درجي پختي هوندي ته هوءَ ڪهاڻيون ڀليون ٿي سرجي جنهن ۾ هن جي ڪهاڻي جا ڪردار پوسٽ مارڊرنزم (ايندڙ جدت) ۾ فٽ ڪري سگهجن ۽ ياسمين جي تخليقن جو رَدُ ممڪن نه هجي.
ياسمين وٽ شين جي happenings ۽ ان ڏات تحت جيڪا phenomenology جي سمجھه پيدا ٿئي ٿي سا اعليٰ پائي جي آهي، ياسمين وٽ فيمنزم جي پڪار ڏاڍي اعليٰ صفت جي آهي، ڇو ته ياسمين هر گونگي عورت جي درد جو آلاپ بڻجي اڀري ٿي، ياسمين جي هر ڪهاڻي سيڪسزم کان مٿي ٿي فيمنزم جي پهرين لهَرَ جي ڀڙڪ بڻجي ٿي اڀري ته عورت رڳو ٻارن پيدا ڪرڻ جو آلو سا سانچو يا ڊائي ناهي پر هن وٽ به اهي احساس ڄمن ٿا جيئن مين ڊاميننٽ سوسائٽي ۾ هر فرد وٽ هجن ٿا يا ٻُرن ٿا، يا جيڪا عورت معاشري اندر مفعول آهي يا مظلوميت جو شڪار رهندي ٿي اچي ته ياسمين جا ڪردار ان عورت جا وڪيل بڻجي ٿا لهن، ڪهاڻي “سائيڪل وارو” ياسمين جي هڪ شاهڪار ڪهاڻي آهي، جو پڙهڻ دوران ڪهاڻيءَ جي ٻولي، رواني، تشبيهون، ڪردارنگاري، منظرڪشيون ۽ پلاٽنگ جي اڻت ايڏي معتبر لڳندي، جو ٻهراڙيءَ جون منظرنگاريون، ڳوٺاڻيون ٻوليون “جيئن وارن ۾ سِيرَ ڏيڻ ۽ جوئون ڪڍڻ” ان ڪري ياسمين جي مشاهدي کي شاباس آهي جو هو اهي منظر من ۾ سانڍي، اهي ڪهاڻيون اهڙي ترتيب سان ٺاهي جوڙي پيش ٿي ڪري جو پڙهندڙ دنگ رهجي وڃي، ساڳي ريت ياسمين هن ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو درد، بيوسي، لاچاري، باغي پڻو ۽ گونگي غيرت ڏيکاري آهي جيڪا پنهنجو درد ڪنهن سان اظهاري نه ٿي سگهي هوءَ جس لهڻي ۽ انعام جي حقدار آهي ته هو اهڙي بي باڪي سان ڪردارنگاري ٿي ڪري ۽ اهڙي پوشيده فقري بازي ٿي ڪري جو پڙهندڙ سندس ڊڪشن ۽ بولڊنيس جو قائل ٿي وڃي، ان ڪري هن سهڻي، سيبتي ۽ باغي ليکڪا مان اها اميد آهي ته هن پنهنجي اهڙي ڪهاڻيءَ واري ڪاريگريءَ ۽ نظماڻي رڌم سان جيڪي ڪتاب خلقيا آهن انهن جهڙا ٻيا ڪتاب اڃان به ڏيندي رهندي ته جيئن جينڊر ڊسڪرمنيشن واري تقابلي ميدان ۾ هوءَ پاڻ مڃائي سگهي.