ڏهرڪي: شڌاڻي درٻار حيات پتافي جي گديسر يڊشٽر لال جي اڳواڻي ۾ ھندستان کان آيل 97 ياترين جو جٿو ڏھرڪي پھتو، جنهن بعد جٿي جي شڌاڻي درٻار ڏهرڪي پهچڻ تي يڊشٽر لال جي سوين عقيدتمندن شاندار اسقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي. ان موقعي تي يڊشٽر لال ڳالھائيندي چيو ته ھندستان کان 97 ياترين جو جٿو ھڪ ھفتي جي لاءِ واھگا بارڊر ذريعي پاڪستان پھتو آھي، جنهن بعد حيات پتافن صاحبن جي شڌاڻي نگري ۾ سنت شڌا رام جي ٽن ڏينھن واري 314 سالا جنم مھااتسو ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ بعد سنڌ ڌرتي جي شداڻي نگري خانپور مهر، جروار، عادلپور، ساڌ ٻيلو، سائين وسڻ گھوٽ، پنوعاقل، ميرپورماٿيلو ۽ ڏھرڪي جي مختلف تيرٿ آستانن گردواري ۽ مندرن تي ياترائون ڪرڻ تي دلي سڪون مليو آھي، اسين ھر سال جٿي سميت سنڌ اچون ٿا، سنڌ جي ماڻهن اسان کي سدائين پيار ۽ محبت ڏني آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close