اسلام آبادپاڪستان

فيصل واوڊا 2018ع ۾ اسيمبلي ميمبر بڻجڻ جي اهل نه هو:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ فصل واوڊا نااهلي ڪيس جو مختصر لکت وارو فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته فيصل واوڊا 2018ع ۾ اسيمبلي ميمبر بڻجڻ جي اهل نه هو. اليڪشن ڪميشن وٽ اميدوار کي اليڪشن کان اڳ نااهل ڪرڻ جو اختيار نه آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فيصلو به قانون جي نظر ۾ برقرار نٿو رکي سگهجي. اليڪشن ڪميشن ۽ هاءِ ڪورٽ جو تاحيات نااهلي فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو. چئن صفحن تي ٻڌل فيصلو چيف جسٽس عمر عطا بنديال لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو ته فيصل واوڊا عدالت کي ٻڌايو ته 25 جون 2018 تي شهريت ڇڏڻ جو سرٽيفڪيٽ مليو، فيصل واوڊا تسليم ڪيو ته ان کان غلط بياني ٿي آهي. فيصلي مطابق فيصل واوڊا 2018 ۾ اسيمبلي ميمبر بڻجڻ لاءِ اهل نه هو. ان پاران غلطي مڃڻ تي آرٽيڪل 63 ون سي لاڳو ٿئي ٿو. هو موجوده اسيمبلي جي مدي تائين نااهل سمجهيو ويندو. سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو ته فيصل واوڊا ايندڙ اليڪشن وڙهڻ لاءِ اهل هوندو. فيصل واوڊا سينيٽ جي سيٽ تان استيعفا چيئرمين سينيٽ ڏانهن بنا دير اماڻي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ 25 نومبر تي فيصل واوڊا ڪيس جو فيصلو ٻڌايو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button