سنڌ

نوشهري فيروز ۾ سوين ريليون، قومي گيتن جي گونج،نوجوان جهومي پيا

نوشهري فيروز ۾ ثقافتي ڏينهن جي سڏ تي ڀرپور موٽ ڏني وئي، ھر پاسي اجرڪ ۽ ٽوپين جا رنگ نکري پيا، ٻارڙن توڙي پوڙهن پڪن ثقافتي ويس اوڍي سنڌ امڙ کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي. پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو سڄو ڏينهن مختلف فنڪار قومي گيت ڳائي ماڻهن کي جهومائيندا رهيا. ناميارن فنڪارن رئوف مگسي، ضامن حيدر، صداقت وسطڙو، رضا وسطڙو ۽ ٻين سرن ۽ سازن سان تفريح فراهم ڪئي، جڏھن ته مشھور الغوزي نواز غلام نبي سولنگي الغوزي تي سر ڇيڙي واھه واهھ ڪرائي ڇڏي. نوشهروفيروز شهر مان مک ريلي اياز راڄپر جي اڳواڻي ۾ نڪتي. ڳوٺ سڌار ويلفيئر ايسوسيئيشن جي ريلي نورپور مان نڪتي جيڪا معشوق وڳڻ ،علي اڪبر مورو، بلاول وساڻ، عبدالمجيد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تان ڦرندي پريس ڪلب واري تقريب جو حصو بڻجي وئي. آخر ۾ فنڪارن، صحافين، شھرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن گڏجي “هو جمالي” ڳائي قومي جشن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. هوڏانهن مورو شهر ۾ پريس ڪلب اڳيان مک تقريب منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ سوين ماڻھو اجرڪ، ٽوپيون، پٽڪا ۽ سنڌي ويس وڳا پائي جھمريون ھڻندا ريلين جي صورت ۾ پھتا، مک تقريب ۾ مشھور فنڪار سوڍل فقير لغاري، علي داد لغاري، قادر بخش منگي، عبدالغني سولنگي ۽ ٻين سنڌ امڙ جا گيت ڳائي آيل ماڻهن کي جھومائي ڇڏيو، ڪنڊيارو ۾ ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ٽائون ڪميٽي وٽان جسقم ۽ ايس ٽي پي طرفان ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي هارون ڪلهوڙو، ذوالفقار ملاح، وقار گوپانگ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ريلي ۾ بوسڪي جا پٽڪا پاتل نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. هوڏانهن پڊعيدن ۽ نوان جتوئي ۾ به ثقافتي ڏھاڙو عيد جيان ملهايو ويو، جسقم بشير خان، جسقم آريسر، ايس ٽي پي، آزاد سوشل فورم جي اڳواڻن سميت شهرين ڀرپور نموني جشن ملهائي ثقافت ۽ ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪيو. ٻئي پاسي فنڪارن الهداد خاصخيلي، فقير اصغر عالماڻي ۽ فنڪارن قومي گيت ڳائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، نوجوانن قومي گيتن رقص پڻ ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button