پاڪستانسنڌ

قومي عيد تي سنڌ مرڪي پئي، گيتن ۽ جهمرين سان ڀرپور جشن

سنڌ جي ثقافتي ڏينهن ڪروڙين سنڌين کي محبتن جي مالها ۾ پوئي ڇڏيو، قومي عيد جو ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ڪراچي کان ڪشمور، ڪاڇي کان ڪارونجهر تائين اجرڪ، ٽوپين ۽ ثقافت جا رنگ نکري پيا، شهر-شهر، گهٽي گهٽي ۽ واهڻ وستي ۾ جيئي سنڌ جيئي جا نعرا ۽ گيت گونجندا رهيا، مک تقريبن ۾ ٻوڏ سٽيل ماروئڙن کي به ياد ڪري پنهنجائپ جو ڀرپور احساس ڏياريو ويو. تفصيل موجب هر سال جيان سنڌ جي ثقافت جو ڏينهن ڀرپور نموني ملهائڻ جي روايت برقرار رکي وئي، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ثقافتي لباس اوڍيل نوجوانن، پوڙهن پڪن ۽ گلن جهڙن ٻارڙن ريليون ڪڍي قومي گيتن تي رقص ڪيو. ڪراچي ۾ پريس ڪلب، آرٽس ڪائونسل روڊ ۽ ٻين هنڌن تي ثقافتي ڏهاڙي جون تقريبون منعقد ڪيون ويون، جن ۾ ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو، هزارين ماڻهن قومي عيد تي ثقافتي ويس اوڍي ڌرتيءَ سان لازوال ۽ انمول محبت جو عملي اظهار ڪيو. مک تقريب ۾ طفيل سنجراڻي، شهنيلا علي، مارُل گروپ، احمد مغل، غلام علي سمون ۽ ٻين فنڪارن سرن جي ورکا ڪئي. ملير، ڪياماڙي ۽ ڪورنگي سميت ڇهن ئي ضلعن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، هر پاسي قومي گيت گونجندا رهيا ۽ عيد جهڙو منظر رهيو. حيدر آباد شهر به پريس ڪلب، سنڌ ميوزيم، وحدت ڪالوني، نسيم نگر، گدو چوڪ، گل سينٽر ۽ ٻين هنڌن تي سنڌي جوڌا جوان مڙي مٺ ٿي ويا، مک تقريبن ۾ ناليوارن فنڪارن سُرن جي ورکا ڪئي، جڏهن ته سنڌي لباس اُڍيل هزارين سنڌين ٻوڏ متاثرن سان به يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هوڏانهن لاڙڪاڻو، دادو، مٽياري، ميرپورخاص، خيرپور، سکر، گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، قمبر شهدادڪوٽ، ٺٽو، سجاول، بدين، ڄامشورو، ڪوٽڙي ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍي ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. گهوٽڪي، اوٻاوڙو، ميرپور ماٿيلو، ڏهرڪي، ڪي اين شاهه، عمرڪوٽ، مٺي ۽ شاهپور چاڪر ۾ سنڌي ٽوپين، اجرڪ ۽ پٽڪي جي بهار نظر آئي. نوابشاهه، دوڙ، ميرپور ماٿيلو، مٽياري، ميهڙ. نيو سعيدآباد، ڪوٽ غلام محمد، فريد آباد، نبي سر روڊ، وارهه، خانپور، گڊو، نصرپور، کپرو، گهارو، ڏيپلو، تنگواڻي ۽ ٻين شهرن ۾ به هزارين سنڌ واسي وطن سان محبت جي اظهار طور رستن تي نڪري آيا، وارهه ۾ 100 فوٽ ۽ بدين ۾ 50 فوٽن جا اجرڪ جا جهنڊا ڦڙڪايا ويا. فيض گنج، فريد آباد، ڪوٽ غلام محمد، پنوعاقل، پير جو ڳوٺ، جيڪب آباد، ڪڍڻ، خانپور، نوشهروفيروز، نوان جتوئي، ڪنڊيارو، ٺارو شاهه، جوهي، مانجهند ۽ ٻيا شهر ۾ سنڌ جي هزارين سال پراڻي سهڻي ثقافت جي رنگن ۾ رڱجي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button