سنڌ

حيدرآباد ۾ عوامي تحريڪ جي ثقافتي ماڳن تي قبضن خلاف ريلي

ثقافتي ڏينهن تي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد طرفان گل سينٽر کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ثقافتي ماڳن تان قبضا ختم ڪرڻ ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ زبردست نعريبازي ڪئي وئي. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عاطف ملاح، صدر ساجده پرھياڙ، ڪائنات ڏاھري، غلام علي زئور، دائود ڏاھري، سميع ابڙو ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڍڳي وارو لوگو مٽائي سنڌ جي ثقافت تي حملو ڪيو ويو. ڍڳي وارو لوگو مٽائي سنڌ ۾ انتهاپسندي کي هٿي ڏني وئي آهي. سنڌ جي عوام دوست اديبن، شاعرن ۽ صحافين کي معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. ھنن مطالبو ڪيو تھ سنڌي ادبي بورڊ جو ڍڳي وارو لوگو بحال ڪيو وڃي. سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي. اڳواڻن چيو ته ثقافت قومن جو اهڃاڻ هوندي آهي. ثقافت کي ياد ڪرڻ سان گڏ ثقافتي ماڳن ۽ مڪانن جي تحفظ لاءِ به جدوجهد ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي ثقافتي ماڳن تي قبضا ڪرائي ثقافت تي حملا ڪيا ويا آهن. ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪئي پئي وڃي. حيدرآباد جي تاريخي ڪچي قلعي ۽ پڪي قلعي تي قبضا ڪيا ويا آهن، گنجي ٽڪر تي به قبضا ڪيا پيا وڃن. اهي قبضا ختم ڪري ڪچي قلعي ۽ پڪي قلعي کي قومي ثقافتي ورثو قرار ڏئي ان جو تحفظ ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button