پاڪستان

عمران خان کي پارٽي قيادت تان هٽائڻ جي ڪارروائي شروع،اليڪشن ڪميشن نوٽيس موڪلي ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن توشا خانا ريفرنس ۾ نااهلي جو فيصلو ٻڌائڻ بعد عمران خان کي پارٽي قيادت تان هٽائڻ واري عمل جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف تصديق ڪئي آهي ته کين اليڪشن ڪميشن جو نوٽيس ملي ويو آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر جوابي وار طور چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن عمران خان کي پارٽي قيادت تان هٽائڻ لاءِ ڪيس جي ايندڙ شنوائي 13 ڊسمبر ڪندو. ان حوالي سان اسد عمر جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن کان خط لکي پڇنداسين ته نوٽيس ڇو جاري ڪيو ويو آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ڪهڙي بنياد تي عمران خان کي پارٽي قيادت تان هٽائڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪري سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان کي پارٽي قيادت تان هٽائڻ ڪنهن جي ذاتي خواهش يا ايجنڊا ٿي سگهي ٿي پر قانوني طور اهو ممڪن ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button