سنڌ

قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران ڪارو ڏينهن ملهائي احتجاجي ريلي

قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران پنج ڊسمبر تي ڪارو ڏينهن ملهايو ويو. جناح باغ کان احتجاجي ريلي ڪڍي بينر پلي ڪارڊ کڻي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پريس ڪلب آڏو سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي طفيل احمد سانگاهه، شوڪت چانڊيو، وقار شابراڻي، امجد ڦل، عرفان گوپانگ، زاهد بروهي، علي نواز لاکو ۽ ٻين چيو ته پنج ڊسمبر 2009 تي شهيد مير مرتضى ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي بااثر مافيا جي چوڻ تي قاتل پوليس اهلڪارن کي آزاد ڪيو ويو، ان وقت ڪجهه ميڊيا کي ٽوپي اجرڪ جي ڳالهه ڪري ڪيس تان ڌيان هٽايو ويو. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مير مرتضى ۽ ساٿين جي قتل ڪيس ۾ انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button