
جونگل ويجهو واپاري جا 75 لک چوري ٿيڻ واري معاملي بعد پوليس ڪارروائي ڪندي گرفتار ٿيل جوابدارن جي گهرن جي مڪمل تلاشي دوران 18 لک 90 هزار برآمد ڪري ورتا. خبر موجب جونگل بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ واحد بخش پهوڙ جي رهواسي واپاري شيرل پهوڙ جي گهر مان 75 لک چوري ٿيڻ بعد کوجي ڪتن جي مدد سان گرفتار ٿيل جوابدارن رحيم ڪوري ۽ سندس پٽ بخشو ڪوري کان جاچ بعد جونگل پوليس اي ايس آ علي گل چولياڻي جي اڳواڻي ۾ ٻيهر سندن گهرن تي چڙهائي ڪري جوابدارن جي گهرن جي مڪمل تلاشي ورتي ته گهرن جي پيتي مان 18 لک 90 هزار برآمد ٿيا. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي اي ايس آ علي گل چولياڻي ٻڌايو ته جوابدارن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي، جلد ڪاميابي ملندي، پوليس جي ڀرپور ڪارروائي سان ايتري رقم برآمد ٿي آهي بقايا رقم به جلد هٿ ڪئي ويندي.