پاڪستان

روس راضي- ڳالهيون ڪامياب، پاڪستان کي رعايتي اگهه تي گئس ۽ تيل ملندو

وفاقي حڪومت روس جي دوري کي اميدن کان وڌيڪ ڪامياب قرار ڏيندي چيو آهي ته روس اسان کي رعايتي اگهن تي ڪچو تيل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستان کي پيٽرول ۽ ڊيزل به گهٽ قيمت تي فراهم ڪندو، گئس ڪمپنين کي چيو ويو آهي ته رڌپچا واري وقتن تي گئس لازمي فراهم ڪئي وڃي. پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جو اعلان ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي ان بيان جي هڪ مهيني بعد سامهون آيو آهي، جنهن ۾ ڊار چيو هو ته پاڪستان روس کان رعايتي تيل خريد ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته روس جو دؤرو اسان جي اميدن کان وڌيڪ ڪامياب رهيو، روس پاڪستان کي رعايتي قيمتن تي تيل ۽ ڊيزل فراهم ڪندو، سرڪاري ايل اين جي معاهدي ۽ ٻين روسي ڪمپنين سان ايل اين حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن. توانائي معاهدن تي اڳڀرائيءَ لاءِ روس جو سرڪاري وفد جنوريءَ جي وچ ڌاري پاڪستان جو دؤرو ڪندو، جڏهن ته ايران انساني بنيادن تي 2 ملين پائونڊ ايل پي جي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تي پڻ ڳالهيون مڪمل ٿي ويون آهن. ان کان علاوه 2 ملين پائونڊ جي ايل پي جي ايندڙ 10 اندر پاڪستان اچي ويندي ته جيئن توانائيءَ جي مسئلي کي حل ڪري سگهجي. هن چيو ته روس وڃڻ سندس لاءِ اهم هو، ڇاڪاڻ ته وزيراعظم واضح طور چيو هو ته جيڪي ڪارخانا بند ٿي رهيا آهن انهن کي بند ٿيڻ نه ڏينداسين، نوجوان جيڪي گهرن مان نڪرن ٿا اهي بيروزگار نه هجن، ڪارخانن جي چمنين مان دُونهون نڪرندو رهي، وزيراعظم جو حڪم آهي ته هي مسئلا حل ٿين ۽ ماحول دوست ڪارخانن جون چمنيون ٻرنديون رهن، معيشت اڳتي وڌندي ته نوجوانن کي روزگار ملندو ۽ جيڪڏهن معيشت اڳتي نه وڌندي ته هي نوجوان ڊگريون وٺي ڪٿي ويندا، انهن جون حڪومت سان اميدون وابستا آهن. هن چيو ته سڄي دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ معاشي ترقيءَ لاءِ ڏيڍ کان 2 سيڪڙو توانائي گهربل هوندي آهي، ڪيترن ئي ملڪن کي توانائي جي کوٽ ناهي پر ان باوجود معاشي ترقيءَ لاءِ توانائي تمام ضروري آهي ته جيئن نوجوانن کي روزگار ملي سگهي. هن چيو ته پاڪستان کي گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو توانائيءَ ۾ واڌ ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اڳتي وڌڻ لاءِ اسان کي توانائي گهرجي، ان لاءِ اسان مختلف ملڪن ڏانهن وڃي رهيا آهيون جنهن ۾ اڳڀرائي سان وقت بوقت قوم کي آگاهه ڪندا رهنداسين. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو نوجوانن کي روزگار ڏيڻ جي ويزن کي نظر ۾ رکندي اسان ويجهڙ ۾ روس جو دؤرو ڪيو ۽ هي دؤرو اسان جي اميدن کان وڌيڪ ڪامياب رهيو آهي. روس فيصلو ڪيو آهي ته هو اسان کي رعايتي اگهن تي ڪچو تيل فراهم ڪندو جنهن تي ڳالهيون ٿي چڪيون آهن، ٻيو اهو طئي ٿيو آهي ته روس طرفان پاڪستان کي ڊيزل پڻ رعايتي اگهن تي فراهم ڪيو ويندو ۽ ايتري ئي ڊسڪائونٽ تي تيل ۽ گيس ملندو جيتري رعايت دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ کي ملي رهي آهي. ٽئين نمبر تي ايل اين جي تي ڳالهه ٿي آهي، هن وقت ايل اين جي جو پريشر تمام وڌيڪ آهي ان لاءِ روس جي وڏين ڪمپنين وٽ هن وقت ايل اين جي نه هئي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ اسان کي ٻُڌائي رهي هئي ته گلوبل فيبرڪ آهي، جنهن تحت تجديد جوڳي توانائيءَ ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي، اسان سادگي ۾ ان ڳالهه کي مڃندا رهياسين ان جو نتيجو اهو نڪتو سڀني ايل اين جي خريد ڪري ورتي ۽ ڪيترائي ملڪ ڪوئلي مان منتقل ٿي ويا اسان ڏسندي رهجي وياسين. هن چيو ته هاڻ اسان فيصلو ڪيو آهي ته ملڪي مفاد ۽ عالمي قاعدن ضابطن کي نظر ۾ رکندي ان عمل کي اڳتي وڌايون جنهن جي اسان کي ضرورت آهي ۽ هي معاهدو ان جو حصو آهي. پاڪستان جي مفاد کي وٺي اڳتي وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته روس اسان جي ڪجهه اهڙين ڪمپنين سان رابطو ڪرايو جن وٽ هن وقت ايل اين جي موجود هئي ۽ ڪمپنين سان اسان جي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي وئي آهي. هن چيو ته روس جي حڪومت پڻ ايل اين جي 2 نوان ڪارخانا لڳائي رهي آهي ۽ پاڪستان کي آڇ ڪئي وئي آهي ته 26-2025ع لاءِ هن وقت معاهدا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ اسان قطر سان پڻ اهڙيءَ طرح جا معاهدا ڪيا هئا جيڪي پاڪستان لاءِ لاڀائتا ثابت ٿيا. مملڪتي وزير چيو ته گيس پائيپ لائنن تي ڪجهه اسان جا پُراڻا معاهدا هئا انهن تي پڻ روس طرفان دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو ويو، اسان روس کي چيو آهي ته هو ان سلسلي ۾ ڪجهه لچڪ جو مظاهرو ڪري. هن چيو ته ٻن وڏن معاهدن جن ۾ هڪ پاڪستان اسٽريم لائن معاهدو جنهن کي نارٿ سائوٿ پائپ لائن پڻ چوندا آهيون ۽ ٻيو عالمي سطح تي گيس جي حاصلات لاءِ گهربل پائيپ لائن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه جو عمل شروع ٿيو آهي ته جيئن ان ڳالهه جو پتو پئجي سگهي ته اسان کي ڪهڙي قسم جي پائيپ لائن گهرجي، ملڪي گيس جي ذخيرن جي باري ۾ مملڪتي وزير چيو ته هر سال اسان جي گيس جا ذخيرا 8 کان 10 سيڪڙو گهٽ ٿي رهيا آهن ان باوجود هلندڙ سال پوري نومبر دوران گذريل سال جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ وڌيڪ گيس هئي جيڪو اسان واهپيدارن تائين پهچايو. ڊسمبر ۽ جنوري ۾ پڻ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گيس آهي جيڪو صارفين تائين پهچائي رهيا آهيون. هن چيو ته گهريلو صارفين لاءِ کائڻ لاءِ جي گيس لوڊ مئنجمينٽ تحت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهيا آهيون ته صبح جو 6 کان 9 وڳي ۽ منجهند جو 12 کان 2 وڳي ۽ رات جو 6 کان 9 وڳي تائين گيس جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button