سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ زرعي توسيع ملازمن جو ٽائيم اسڪيل نه ملڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ زراعت کاتي جي زرعي توسيع جي ننڍن ملازمن ٽائيم اسڪيل نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ملازم يونين جي چيئرمين محرم بگٽي، لال بخش جوڻيجو، شاهد حسين ڀٽو، سڪندر بليدي، نجم الدين مهيسر، عبدالوهاب بليدي، حضور بخش عباسي، ابوذر ڪٽپر ۽ ٻين چيو ته سالن کان وٺي زراعت کاتي جي توسيع کاتي ۾ ڊيوٽي ڪري رهيا آهيون پر هن وقت تائين اسان کي ٽائيم اسڪيل نه ملي سگهيو آهي، ان لاءِ اسان کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري کي مختلف وقتن تي شڪايتون به ڪندا رهيا آهيون پر ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، جڏهن ته ٻين کاتن جي ننڍن ملازمن کي ٽائيم اسڪيل مليل آهي پر اسان جي حقن تي ڌاڙو هڻي اسان کي ٽائيم اسڪيل کان محروم ڪيو ويو آهي. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، وڏي وزير مراد علي شاهه، زراعت کاتي جي صوبائي وزير ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته زراعت کاتي جي زرعي توسيع کاتي جي ننڍن ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button