پاڪستانپنجاب

پي ٽي آ چيئرمين ق ليگ خلاف بيانبازي کان روڪي ڇڏيو، ڪجهه ميمبر اسيمبلي ٽوڙڻ کان ڊڄن پيا: عمران خان

لاهور: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي اتحادي ق ليگ خلاف بيان بازي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ژژآهي. عمران خان جو چوڻ آهي ته اسان جا ڪجهه ميمبر اسيمبلي ٽوڙڻ کان ڊڄن پيا پر ايندڙ چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان واپس اينداسين. هن چيو ته پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن عوام کي متحرڪ ڪري چونڊن جي تياري ڪن. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان ڪالهه شيخوپوره، قصور ۽ ٻين ضلعن سان تعلق رکندڙ يوٽيوبرز ۽ ماڻهن ملاقات ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪڏهن ڪنهن اتحادي جي تقرير سٺي نه هجي ته ڪارڪن ان کي نظرانداز ڪن. اتحادين جو سڀ ڪجهه اسان جي لڪير تي نه ٿو ٿي سگهي، عمران خان جو چوڻ هو ته پتلي تماشي تي وقت ۽ وسيلا ضايع ڪرڻ بدران رياست بيلٽ پيپر ذريعي قوم کي پنهنجو مستقبل چونڊڻ جو موقعو ڏئي. اسان جا ڪجهه ماڻهو اسيمبلي ٽوڙڻ کان ڊڄن پيا پر اسيمبلي ٽوڙڻ سان اسان جي مقبوليت گهٽ نه ٿيندي. عمران خان وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي انٽرويوز تي پارٽي جي ڪجهه اڳواڻن جي ردعمل تي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن اتحادي جا لفظ سٺا ناهن ته ڪارڪن ان کي نظرانداز ڪن، اهڙين ڳالهين کي درگذر ڪرڻ گهرجي.

عمران خان چيو ته جيڪڏهن هو اقتدار ۾ آيو ته احتساب جو نظام بهتر ڪندو، نيب کي مان ڪنٽرول نه ڪري رهيو هيس. هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 1100 ارب رپين جي ڪرپشن ڪيسن کي معافي ۽ ڇوٽ ڏني پئي وڃي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته هن قوم اين آر او ون جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، انهن ٻن ڏوهي خاندانن ۽ انهن جي ساٿين جي ڦرلٽ 10 سالن ۾ اسان جو قرض چنئوڻ تي وڌائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اين آر او ٽو ته ان کان به وڌيڪ شرمناڪ آهي، 1100 ارب رپين جي ڪرپشن ڪيسن کي معافي ۽ ڇوٽ ڏني پئي وڃي، جيڪو قوم جي کيسن تي ڏينهن ڏٺي جو هڪ ڌاڙو آهي. ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي پي ٽي آئي جي چيئرمين عمران خان کي مشورو ڏنو آهي ته اسيمبليون ٽن مهينن کان پوءِ ٽوڙيون وڃن ڇو ته عمران خان پنهنجي موقف تي قائم آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسيمبليون ٽوڙڻ ۾ دير ڪئي وئي ته ملڪ جو ٻيڙو ٻڏي ويندو. ذريعن مطابق موجوده سياسي صورتحال ۾ فواد چوڌري عمران خان ۽ چوڌري پرويز الاهي سان ملاقاتون ڪيون پرويز الاهي ملاقات ۾ فواد چوڌري کي چيو ته صوبي ۾ ترقياتي ڪم جاري آهن جيڪي مڪمل ڪرڻ لاءِ 3 مهينا گهرجن اسان طرفان اسيمبليون ٽوڙڻ کان انڪار نه آهي ڀلي سڀاڻي ٽوڙي ڇڏيو پر ان سان ترقياتي منصوبا متاثر ٿيندا ۽ اهي اڌ ۾ رهجي ويندا. وڏي وزير فواد چوڌري کي چيو ته جيڪڏهن ٽن مهينن کان پوءِ اسيمبلي ٽوڙي وڃي ته هي بهتر فيصلو ٿيندو فواد چوڌري پرويز الاهي جو پيغام پنهنجي پارٽي چيئرمين تائين پهچايو ته عمران خان چيو ته جيڪڏهن اسيمبليون ٽوڙڻ ۾ دير ڪئي ته ملڪ جو ٻيڙو ٻڏي ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان پنهنجي انهيءَ موقف تي قائم آهي ته ملڪ جي مسئلن جو حل بنا دير چونڊون ئي آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button