پاڪستانپنجاب

پسند جي شادي جي اجازت نه ڏيڻ تان ڀيڻ سڳي ڀا کي مارائي ڇڏيو

لاهور ۾ نوجوان کي سندس سڳي ڀيڻ پسند جي شادي تي اعتراض ڪرڻ تان گوليون هڻي قتل ڪرائي ڇڏيو. خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽ مطابق لاهور جي علائقي ڪوٽ لکپت ۾ نوجوان جي قتل جو ڊراپ سين ٿي ويو، واردات ۾ سڳي ڀيڻ ملوث نڪتي، جنهن کي سندس ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو. پوليس مقتول عدنان جي ڪيس ۾ سندس ڀيڻ آسيا، عباس ۽ ٻين ڪرائي جي قاتلن مرتضيٰ ۽ نعيم کي ڪجهه ڏينهن بعد سي سي ٽي وي ڪئميرائن ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي گرفتار ڪيو ويو. پوليس ٻڌايو ته آسيا اٽلي ۾ رهندڙ وقاص سان شادي ڪرڻ جي خواهشمند هئي پر ڇوڪري جو ڀا عدنان ان رشتي ۾ راضي نه هو، جنهن بعد آسيا جوابدار وقاص سان گڏ رٿابندي ڪري 2 لک 70 هزار رپيا ڏئي پنهنجي ڀا عدنان کي ڪرائي جي قاتلن هٿان مارائي ڇڏيو. گرفتار ڪيل جوابدارن وٽان قتل ۾ استعمال ٿيل پستول به هٿ آئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button