پاڪستانسنڌ

انشاءَ الله هلندڙ مهيني بس سروس شروع ڪئي ويندي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي: چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سنڌ حڪومت جي ٽرانسپورٽ کاتي سکر شهر ۾ پيپلز بس سروس جي ڪامياب آزمائشي سروس شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي، لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد کانپوءِ پيپلز بس سروس سکر پهچي وئي، انشاءَ الله هلندڙ مهيني سکر جي عوام لاءِ عوامي بس سروس باضابطا طور تي شروع ڪئي ويندي، اسان عوام کي جديد، آرامده ۽ سستي سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جي مشن تي آهيون، بس سروس عوام جي خدمت ۾ اڳيان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button