اسلام آبادپاڪستان

هاءِ ڪورٽ سليمان شهباز کي ايئرپورٽ تي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم جي پٽ سليمان شهباز کي 13 ڊسمبر تائين عدالت ۾ سرينڊر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سليمان شهباز جي حفاظتي ضمانت جي درخواست تي شنوائي ڪئي. سليمان شهباز جي وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ چيو ته سليمان شهباز آڪٽوبر 2018 کان ٻاهرين ملڪ آهي، ان کان پوءِ ايف آئي آر ٿي، جنهن تي عدالت چيو ته پٽيشنر جي غير موجودگي ۾ حفاظتي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي. امجد پرويز چيو ته 11 ڊسمبر تي سليمان شهباز پاڪستان واپس ايندو اپيل آهي ته ايئرپورٽ تان عدالت اچڻ تائين عملدارن کي سليمان شهباز جي گرفتاري کان روڪيو وڃي. ان موقعي تي وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ سليمان شهباز جي ايئر ٽڪيٽ به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سامهون پيش ڪئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سليمان شهباز جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي کيس وطن واپسي تي ايئرپورٽ تي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ سليمان شهباز کي 13 ڊسمبر تائين عدالت ۾ سرينڊر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button