تحريڪ انصاف جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت نيب قانون ۾ اهڙيون ترميمون ڪيون آهن جو هاڻي وائيٽ ڪالر طبقي کي پڪڙڻ ناممڪن ٿي ويو آهي، جيڪڏهن آئون ملڪ جو پئسو چوري ڪري پنهنجي خاندان جي نالي ڪري ڇڏيان ته نيب مونکي به نٿو پڪڙي سگهي. ڪرپشن خلاف عالمي ڏهاڙي تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين وڌيڪ چيو ته قانون جي حڪمراني تائين ملڪ ڪرپشن کان پاڪ نٿو ٿي سگهي ۽ نه ئي وري ترقي ڪري سگهي ٿو، ڪرپشن سان ملڪ تباهه ٿئي ٿو، غريب ۽ امير ملڪن وچ ۾ وڇوٽين جو سبب ڪرپشن آهي، هر سال 1700 ارب ڊالر آف شور اڪائونٽن جي ذريعي پرڏيهه وڃن ٿا، اشرافيا جي ڪرپشن سبب ملڪ غريب ٿي ويندا آهن ۽ ڪرنسي ڪمزور ٿيڻ سان ملڪ ۾ غربت اچي ٿي، حڪمرانن نيب ۾ ترميمون ڪري پاڻ کي چوري جو لائسنس ڏئي ڇڏيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close