پاڪستانعالمي

نيڪ نيتي ڪڏهن به رائيگان ناهي ويندي، سرخرو ٿي رهيا آهيون:نواز شريف

اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف برطانيا جي اخبار ڊيلي ميل طرفان غلط رپورٽنگ تي ورتل معافي بابت پنهنجو ردعمل ظاهر ڪيو آهي. لنڊن ۾ ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ۾ نواز شريف چيو ته اسان سرخرو ٿي رهيا آهيون ۽ الله تعاليٰ اسان کي سرخرو ڪري رهيو آهي، نيڪ نيتي ڪڏهن به رائيگان نه ويندي آهي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف ٽوئيٽر تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته ڪوڙين خبرن جي ڄمار مختصر هوندي آهي ۽ اها ڳالهه ڊيلي ميل جي خبر سان ثابت ٿي وئي آهي. هن چيو ته عمران خان ۽ سندس ساٿين 3 سالن تائين منهنجي ڪردارڪشي ڪرڻ لا هر حد پار ڪئي، نيٺ سچ جي سوڀ ٿي آهي، مهم دوران کين ان ڳالهه جي به پرواهه نه هئي ته پاڪستان جا هڪ دوست ملڪ سان لاڳاپا خراب ٿيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button