بلوچستانپاڪستان

ادارا حدن ۾ رهن ته اسان کين سلام ڪنداسين:مولانا فضل الرحمان

جي يو آ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عالمي ادارا پاڪستان کي اقتصادي طور ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا، ڪو به ملڪ آئين ۽ قانون کانسوا نٿو هلي سگهي، ملڪي نظام ۾ آئين جو دائرو ۽ حد پار ڪرڻ سان عدم توازن پيدا ٿئي ٿو، جيڪڏهن دفاعي ادارا پنهنجي حدن ۾ رهيا ته اسان کين سلام ڪنداسين. بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته آئين تحت ڏنل اصولن ۽ دائرن کي احترام ڏنو وڃي ۽ سڀئي ادارا پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن. هن چيو ته جڏهن اسان اندروني طور ڪمزور هوندا آهيون ته دنيا به اسان جي ڪمزورين جو فائدو کڻندي آهي، 70 سال اڳ اسان طاقتور هئاسين ۽ هاڻ ڪمزور آهيون، اڄ اسان ملڪ کي ايترو هيٺ ڇو آڻي ڇڏيو آهي، اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو معاشي بدحالي آهي، پاڪستان جي معيشت ٻڏي وئي آهي، اسان کي ان صورتحال مان نڪرڻو آهي ۽ ملڪ کي مستحڪم ڪرڻو آهي، جيڪڏهن سياسي ۽ معاشي استحڪام گهرجي ته اسان کي مستحڪم دفاع به گهرجي، اسان کي سڀني صوبن جو حق تسليم ڪرڻو پوندو، ڪنهن به صوبي تي ڪنهن اداري جي بالادستي قبول ناهي، 18 هين ترميم تحت صوبن کي ڏنل اختيارن تي مڪمل طور عملدرآمد نه پيو ٿئي، هر صوبو پنهنجي وسيلن جو پاڻ وارث آهي، ڪو ٻيو صوبو ان تي قبضو نٿو ڪري سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button