پاڪستان

اعظم سواتي ڪوئيٽا جيل مان آزاد،وري ٻين ڪيسن ۾ ڪراچي پوليس حوالي

بلوچستان هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر اعظم سواتي تي صوبي ۾ داخل سڀئي ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد کيس سنڌ پوليس جي حوالي ڪري خصوصي اڏام ذريعي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. بلوچستان ها ڪورٽ ۾ جسٽس هاشم ڪاڪڙ درخواست تي شنوائي ڪئي، عدالت اعظم سواتي خلاف صوبي ۾ داخل سموريون ايف آئي آر ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ پوليس کي حڪم ڏنو ته اعظم سواتي کي آزاد ڪيو وڃي. ياد رهي ته صوبائي پوليس سينيٽر اعظم سواتي کي اسلام آباد مان گرفتار ڪري بلوچستان آندو هو، جنهن بعد اعظم سواتي جي وڪيل اقبال شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هاءِ ڪورٽ اعظم سواتي تي 5 ڪيس ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، پراسيڪيوشن ۽ جاچ آفيسر عدالت ۾ سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيا. هوڏانهن سنڌ هاءِ ڪورٽ سينيٽر اعظم سواتي خلاف صوبي ۾ 6 ڪيس داخل ٿيڻ بابت درخواست تي سنڌ حڪومت، پراسيڪيوٽر جنرل ۽ آئي جي پوليس کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. جسٽس ڪي ڪي آغا شنوائي جي موقعي تي پڇاڻو ڪيو ته جنهن جي خلاف ڪيس آهن، اهي ڪٿي آهن؟ درخواست گذار جي وڪيل انور منصور خان ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته اعظم سواتي گرفتار آهي، سندس خلاف سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي اشو تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، هي ڪيس سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي ڀڃڪڙي آهي، 5 ڪيس ڪراچي ۽ هڪ ڪيس قمبر ۾ داخل ڪيو ويو آهي، عدالت سنڌ حڪومت، پراسيڪيوٽر جنرل ۽ آئي جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي لاڳاپيل ايس ايس پيز کي داخل ڪيسن بابت 22 ڊسمبر تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button