سنڌ

باقراڻي واسين جو گم ٿيل پيرسن جي ڳولا لائي لاڙڪاڻي ۾احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي جي ڳوٺ ملان ابڙو جي رهواسين 3 ڏينهن اڳ گم ٿيل پيرسن جي ڳولا ۾ مدد لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت نوجوان فراز علي ابڙو پنهنجي مائٽن محمد يونس، وسيم علي ۽ پپن ابڙو سان گڏجي دانهيو ته 3 ڏينهن اڳ شام جي وقت منهنجو پي علي حسن ابڙو گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو، جنهن جو ذهني توازن درست ناهي، والد جي گم ٿيڻ بابت باقراڻي ۽ بقاپور ٿاڻن تي اطلاع ڏيڻ سان گڏ سندس ڳولا مٽن مائٽن وٽ ڪئي پر ڪٿي ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو جنهن ڪري سمورا گهرڀاتي سخت پريشان آهيون. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته والد جي ڳولا ۾ مدد ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button