سنڌ

لاڙڪاڻو سماجي اتحاد جو بدامني ۽ ٻين مسئلن خلاف احتجاجي ريلي

لاڙڪاڻي ۾ لاڙڪاڻو سماجي اتحاد سماجي براين، بدامني ۽ ٻين مسئلن خلاف الهه آباد پاڙي کان پريس ڪلب احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن حافظ بشير احمد شيخ، احمد بخش ڪورائي، لياقت علي عمراڻي، احمر اڪبر ڦل، امداد علي شيخ، ديدار شيخ، زاهد جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته سرعام جوا ۽ منشيات جا اڏا ھلي رھيا آھن، لاڙڪاڻي کي تعليم جو گهوارو بڻائڻ بدران ان کي سماجي براين جو ڳڙهه بڻايو ويو آهي. ماهر ڊاڪٽر پنهنجا خانگي ڪلينڪ کولي اتي غريب ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن. هنن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر شهر مان پاڻي نيڪال ڪرايو پر چار مهينا گذرڻ باوجود متاثرن جي بحالي وارو ڪم شروع ٿي نه سگهيو آهي. هنن چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر شاهده پروين پنهنجي مقرري دوران حددخليون هٽائڻ لاءِ ڀرپور ڪارروايون ڪيون جنهن بعد سياسي مداخلت تي هن وقت تائين حددخلين خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ٿي. هنن مطالبو ڪيو ته سماجي براين کي ختم ڪري امن امان صورتحال کي بهتر بڻائي، سرڪاري اسپتالن ۾ عوام کي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن ۽ ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button