مدئجي واسي لٻاڻا برادري جي ماڻهن پوليس ۽ بااثر بٺي مالڪ جي ناجائزين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن الله رکيو، گلشير، عزيز، هزار خان، شاهنواز خان لٻاڻو ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته ٻه ڏينهن اڳ ڊگري ڪاليج ويجهو مدئجي واسي بااثر سعيد جوڻيجو جي بٺي تان چور موٽر ۽ سولر پليٽون چوري ڪري ويا، جنهن بعد بااثر اسان مٿان چوري جو الزام هنيو ۽ پوليس اسان جي ڀا کي بي گناهه گرفتار ڪري تشدد ڪيو آهي. اڳ به ساڳئي بٺي مالڪ بنا ڏوهه جي اسان جي ڀا کي گرفتار ڪرايو جيڪو بعد ۾ بيگناهه ثابت ٿيو هو. هنن چيوته مدئجي پوليس بااثر جي ونگارو بڻيل آهي بنا ڏوهه جي چڙهائي ڪري ڀا گرفتار ڪيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري گرفتار ڀا کي آزاد ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ عدالت جو دروازو کڙڪايو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close