سنڌ

مدئجي ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس ۽ بااثر بٺي مالڪ خلاف احتجاج

مدئجي واسي لٻاڻا برادري جي ماڻهن پوليس ۽ بااثر بٺي مالڪ جي ناجائزين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن الله رکيو، گلشير، عزيز، هزار خان، شاهنواز خان لٻاڻو ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته ٻه ڏينهن اڳ ڊگري ڪاليج ويجهو مدئجي واسي بااثر سعيد جوڻيجو جي بٺي تان چور موٽر ۽ سولر پليٽون چوري ڪري ويا، جنهن بعد بااثر اسان مٿان چوري جو الزام هنيو ۽ پوليس اسان جي ڀا کي بي گناهه گرفتار ڪري تشدد ڪيو آهي. اڳ به ساڳئي بٺي مالڪ بنا ڏوهه جي اسان جي ڀا کي گرفتار ڪرايو جيڪو بعد ۾ بيگناهه ثابت ٿيو هو. هنن چيوته مدئجي پوليس بااثر جي ونگارو بڻيل آهي بنا ڏوهه جي چڙهائي ڪري ڀا گرفتار ڪيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري گرفتار ڀا کي آزاد ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ عدالت جو دروازو کڙڪايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button