سنڌ

مڇي جو شڪار ڪندڙ ٻن ڀائرن سميت 3 مهاڻا ڀارتي فورسز هٿان گرفتار

ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورس عربي سمنڊ جي حرامي ڍوري ۾ ھوڙن ۾ سوار مڇي جھينگي جو شڪار ڪندڙ ٻن سڳن ڀائرن جانو پٽ لال خان چنڊاڻي، نانگ پٽ لال خان چنڊاڻي ۽ بلاول پٽ خميسو چنڊاڻي کي گرفتار ڪري کڻي ويئي. جڏھن ته گرفتار ٽنھي مهاڻن جو تعلق جاتي تعلقي جي ڳوٺ زيرو پوئنٽ سان آهي. ھن ڳوٺ جا 18 ماھيگير اڳي ڀارتي جيلن ۾ سالن کان قيد آھن، واقعي جي تصديق پاڪستان فشر فوڪ فورم جي وائيس چئرمين نور محمد ٿھيمور پنھنجي پريس بيان ۾ ڪئي. ھن واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورس ھٿان گرفتار ڪيل ماھيگير پنھنجي ساٿي ماھيگيرن سان گڏ عربي سمنڊ جي حرامي ڍوري ۾ مڇي جھينگي جو شڪار ڪري رھيا ھئا ته ڀارتي فورس سندن مٿان ڪاهه ڪري کين بلاجواز گرفتار ڪري ورتو آھي. ھن چيو ته اسان جا ماھيگير پنھنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪن ٿا انھن جي گرفتاري ۽ ٻيڙين کي ضبط ڪرڻ بين الااقوامي قانون جي خلاف ورزي آھي. ھن مطالبو ڪيو ته پاڪستاني ۽ ڀارتي جيلن ۾ قيد سمورن ماھيگيرن کي انساني ھمدردي ۽ خيرسگالي جذبي تحت فوري آزاد ڪيو وڃي. هن ٽن ماھيگيرن جي گرفتاري سان ڀارت ۾ قيد سجاول ضلعي جي ماھيگيرن جو انگ وڌي 59 ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button