پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ پگهارن لا آر او پلانٽ ملازمن جو مظاهرو

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ آر او پلانٽ جي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ملازمن نور محمد راٺوڙ، دلدار خان راھمون، اصغر علي جوڻيجو، عباس مڱريو، راجھن ڀيل، ڀڳوانداس، سمرتو ۽ ٻين چيو ته اسان کي 4 مھينن کان پگھارون نه مليو آهن، ٺيڪيدار اسان کي تنگ ڪري رهيا آهن، اسان جا ٻار بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. ضلعي جي 70 آر او پلانٽن جي مرمت لا 16 ڪروڙ منظور ڪيا ويا هئا، پر ڪم ڪٿي به ناهي ٿيو، ڪروڙين رپيا ٺيڪيدار ڪمپني جي نالي وٺي ٿو، پر آر او پلانٽ تباهه ٿي ويا آهن، پر انتظاميا سميت ڪير به نوٽيس نٿو وٺي، انتظامي لاپرواهي سبب مشينري ڳري سڙي رهي آهي، پر پبلڪ کاتي جو ايڪسيئن به ڪارروائي نٿو ڪري. هنن نيب، ڊي سي ۽ ٻين اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي اسان جون رهيل پگهارون ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button