پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ تعليم کاتي پاران انرولمينٽ وڌائڻ لا جاڳرتا ريلي

مٺي: مٺي ۾ تعليم کاتي پاران مزدوري ڪندڙ ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ ۽ اسڪولن ۾ شاگردن جي انرولمينٽ وڌائڻ لا وڏي جاڳرتا ريلي ڪڍي سيمينار ڪوٺايو ويو، جاڳرتا ريلي ۾ تعليم کاتي جي آفيسرن، استادن، تعليمي ماهرن ۽ سوين شاگردن شرڪت ڪئي. جي ڊي سي ڪامپليڪس کان نڪتل ريلي شھر جي مختلف ھنڌن تان ٿيندي ڪشمير چوڪ تي پهتي ته جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي. ريلي کي ڊي اي اي او سيڪنڊري شمس الدين راٺوڙ، ڊي اي اي او پرائمري محمد بچل هاليپوٽو، ارباب ذوالفقار، جان محمد بجير، لقمان نهڙيو، مجيب کٽي، شامداس آچاريه، مهيش شرما، خالد مصطفى نهڙيو، چھنو مل ميگهواڙ، منور علي شاهه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٿر جا هزارين ٻار تعليم پرائڻ جي عمر ۾ مزدوري يا گهرن ۾ ويهي فضول وقت گذارين ٿا. اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ لا جاڳرتا ريليون ۽ مهم شروع ڪئي آھي، ٻارن کي اسڪولن کان ٻاهر رکندڙ ماڻھو سماج جا دشمن آھن. ريلي بعد تعليم کاتي ٿرپارڪر پاران درٻار هال مٺي ۾ تعليمي سيمينار منعقد ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button