پاڪستانعالمي

پاڪستان ڪنهن ٻي ڊگهي جنگ ۾ شامل ٿيڻ نٿو چاهي: بلاول ڀٽو زرداري

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان کي يوڪرين سان همدردي آهي پر پاڪستان جا پنهنجا ڪيترائي اندروني ۽ علائقائي مسئلا آهن، پاڪستان ڄاڻي ٿو ته تباهي ڇا ٿيندي آهي، اسان ڪنهن ٻي ڊگهي جنگ ۾ شامل ٿيڻ نٿا چاهيون. سنگاپور جي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته اسان تڪرارن مان ٿڪجي چڪا آهيون، تنهن ڪري ٻين جي تڪرارن جو حصو بڻجڻ نٿا چاهيون. بلاول چيو ته دنيا جو ڌيان افغانستان کان هٽي ڪري يوڪرين ڏانهن هليو ويو آهي، افغان پناهگيرن جي جا يوڪرين جي پناهگيرن ورتي آهي ۽ افغان امداد جي جا يوڪريني امداد والاري ورتي آهي. پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته چين سان اسان جي ڀائيواري ۾ تمام گهڻا معاشي موقعا آهن، سي پيڪ ذريعي اسان جي مواصلات ۽ توانائي واري انفرا اسٽرڪچر کي گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ وڏي هٿي ملي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button