غير درجه بندي

ميرانشاهه ۾ آپگهاتي حملو،3 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا،ڪيترائي زخمي

اتر وزيرستان جي ضلعي ميرانشاهه ۾ آپگهاتي حملو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا، جڏهن ته ڪيترائي شهري زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. ايڪسپريس نيوز جي رپورٽ مطابق ميرانشاهه ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر سرگردان چوڪ ۾ آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اهلڪارن جو چوڻ آهي ته آپگهاتي حملي سبب زخمي ٿيل ماڻهن ۾ وڏو انگ واٽهڙوئن جو آهي، مارجي ويل جا لاش ۽ زخمين کي فوري طور تي ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف سيڪيورٽي اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button