عالمي

ايلون مسڪ دنيا جو سڀ کان شاهوڪار ماڻهو نه رهيو،برنارڊ آرنلٽ اعزاز کسي ورتو

ٽوئيٽر جي مالڪ کرب پتي واپاري ايلون مسڪ کان دنيا جي سڀ کان شاهوڪار انسان جو اعزاز کسجي ويو، سندس جا فرانس واسي برنارڊ آرنلٽ والاري ورتي آهي. فوربز ۽ بلوم برگ طرفان دنيا جي سڀ کان امير شخصيت جي نئين جاري ڪيل فهرست ۾ برنارڊ آرنلٽ کي هن وقت سڀ کان شاهوڪار ماڻهو قرار ڏنو ويو آهي. ملٽي نيشنل گڊز ڪمپني ايل وي ايم ايڇ ۾ سي اي او طور ذميواريون نڀائيندڙ برنارڊ ان کان اڳ 7 ۽ 8 ڊسمبر تي به ڪجهه ڪلاڪن لا ايلون مسڪ کي پوئتي ڇڏيو هو، 73 سالن جو آرنلت 188 ڏهائي 6 ارب ڊالرن جي ملڪيت ۽ اثاثن سان دنيا جو سڀ کان شاهوڪار انسان بڻجي ويو آهي، جڏهن ته ايلون مسڪ هن وقت 176 ڏهائي 8 ارب ڊالرن جو مالڪ آهي. ايلون مسڪ کي دنيا جي سڀ کان شاهوڪار شخص جو لقب 2021ع ۾ مليو هو، جيڪو هن ايمازون ڪمپني جي باني جيف بيزوس کان کسيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button