شھدادپور: شھدادپور ڀرسان ٻرهوڻ روڊ تان ڳوٺ سلطان ڀاڻوجو جو رھواسي نوجوان 22 ورهين جي معظم علي ولد محمد بچل ڀاڻوجو زخمي بيھوشي جي حالت ۾ مليو، اطلاع تي پوليس پهچي زخمي کي کڻائي سمس اسپتال آندو، جتان کيس طبي امداد ڏئي گهربل سهولت نه هجڻ ڪري حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، اطلاع تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته زخمي نوجوان موٽرسائيڪل تان ڪري پيو، جنهن کي اسان بيھوشي جي حالت ۾ کنيو، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. ٻئي طرف فوتي جي مامي نصرالله ڀاڻوجو نوجوان جي قتل جو شڪ ظاهر ڪندي چيو ته ڀاڻيجي کي مٿي (دماغ) ۾ ڌڪ لڳل آھي، ٻيو ڪو به ڌڪ ظاهري ناهي، اسان کي قتل جو شڪ آهي. هن مطالبو ڪيو ته جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close