ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي داخلا فيس اوڳاڙي جي خلاف درخواست تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ۽ قائداعظم مزار مئنجمينٽ بورڊ کي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته قائد جي مزار ۾ داخل ٿيڻ لاءِ 30 رپيا غيرقانوني چارجز ورتا پيا وڃن، اڳ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪائي فيس نه هئي. مزار قائد جي انتظام بابت 1971ع جي آرڊيننس ۾ ڪنهن داخلا فيس جو ذڪر ناهي. اسٽيڊي ٽوئر تي ايندڙ اسڪول جي شاگردن کان به فيس اوڳاڙي وڃي ٿي. عدالت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ۽ قائداعظم مزار مئنجمينٽ بورڊ کي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب جمع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close