اسلام آبادپاڪستان

سينيٽ ۾ سيڙپڪاري بل منظور،پي ٽي آ جو هنگامو،ڊائيس جو گهيرا

اسلام آباد ؛سينيٽ پي ٽي آئي جي احتجاج باوجود پرڏيهي سيڙپڪاري تحفظ ۽ هٿي وٺرائڻ جو ترميم ٿيل بل منظور ڪري ورتو. جمعي تي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻي ۽ تحفظ ترميمي بل 2022 پيش ڪيو. حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري بل ۾ اتحادين جون ترميمون شامل ڪري ورتيون. سينيٽ چيئرمين بل جي منظوري جي حوالي سان چيو ته پاڪستان ۽ بلوچستان جي عوام کي بل منظور ٿيڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو. هن بل جي منظور ٿيڻ سان ترقي ٿيندي. هن چيو ته هن بل جو تعلق منهنجي ضلعي سان آهي، آئون پراڻي ۽ موجوده حڪومت جو ٿورائتو آهيان. ناڻي واري وزير جو بل پيش ڪرڻ دوران پي ٽي آئي ميمبرن سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس جو گهيرو ڪندي گوڙ ڪيو. جڏهن ته مخالف ڌر جي ميمبرن بل جون ڪاپيون به ڦاڙي ڇڏيون. ايوان ۾ ميمبرن سيٽن تي بيهي نعريبازي ڪئي. ان دوران ايوان ۾ اپوزيشن جي اعظم سواتي کي آزاد ڪريو جا نعرا به لڳندا رهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button