اسلام آبادپاڪستان

پيٽرول 70 سيڪڙو ۽ ڊيزل 60 سيڪڙو ٻاهران گهرايو پيو وڃي:اوگرا

اسلام آباد : اوگرا مقامي تيل صاف ڪندڙ ڪارخانن کي مڪمل صلاحيت تي هلائڻ جي تجويز ڏني آهي. پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن مطابق اوگرا تيل صاف ڪندڙ ڪارخانن لاءِ بئنڪن جي ڪريڊٽ لائن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. اوگرا موقف اختيار ڪيو ته ڊيزل جي ملڪ ۾ تياري سان 60 ڊالر في بيرل بچت ٿي سگهي ٿي. ملڪي پيٽرول ضرورتن جو 70 سيڪڙو ۽ ڊيزل جو 60 سيڪڙو حصو ٻاهران گهرايو پيو وڃي. ملڪي پيٽروليم ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ روزانو هڪ جهاز گهرائڻو پئجي رهيو آهي. ملڪ ۾ قائم پنج آئل ريفائنرين جي ڪل رفائننگ صلاحيت 4 لک 17 هزار بيرلز روزاني آهي. سنرجي، انرجي جي ٻن رفائنريز جي ڪل رفائنگ صلاحيت هڪ لک 56 هزار روزاني آهي. بائيڪو ۽ سنرجي رفائرنريون پنهنجي صلاحيت کان گهٽ تي هلي رهيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button