اسلام آبادپاڪستان

مذهبي معاملن ۾ رياست کي ماڻهن اڳيان ڪمزور نه ٿيڻ گهرجي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل هڪ آئيني ادارو آهي. جڏهن آئيني اداري جي سفارشن تي عمل ناهي ڪرڻو ته ان کي بند ڪري ڇڏيو. توهين مذهب جي مبينا جوابدار زاهد محمود جي ضمانت بابت ڪيس جي شنوائي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ ڪئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته ٽرائل ڪورٽ فرد جرم ۾ ته قلم هنيو ئي ناهي. جڏهن جوابدار کي خبر ئي ناهي ته هن جو ڏوهه ڪهڙو آهي ته پنهنجو ڪيس ڪيئن وڙهندو؟ توهان کي خبر هجڻ گهرجي ته ڪهڙي ڏوهه ۾ ڪهڙو قلم لڳندو آهي. سندس موجب اسلامي نظرياتي ڪائونسل به چيو ته آرٽيڪل 295 سي ناهي لڳندو، جڏهن هڪ آئيني اداري جي راءِ تي عمل ناهي ڪرڻو ته ان کي بند ڪري ڇڏيو.
جوابدار جي وڪيل چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي راءِ 8 جون 2022 تي آئي، جنهن تي جسٽس يحيٰ آفريدي پڇاڻو ڪيو ته ٽرائل ڪورٽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي راءِ باوجود ضمانت رد ڪئي؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مذهب بابت هر ڪيس جو واسطو رياست سان هوندو آهي. مذهب بابت معاملا ڪنهن فرد جي هٿ ۾ نٿا ڏئي سگهجن، مذهب بابت معاملا رياستي مشينري کي انتهائي صلاحيت ۽ احتياط سان ڏسڻ گهرجن. مذهب جي معاملن ۾ رياستي مشينري کي ماڻهن سامهون ڪمزور نه ٿيڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ چيو ته جوابدار زاهد محمود تي هڪ تڪراري واٽس ايپ گروپ ۾ شامل هجڻ جو الزام آهي. پوسٽ عربي ۾ آهي پر جاچ سان ثابت نه ٿيو ته دانهيندڙ کي عربي اچي ٿي يا نه، دانهيندڙ کي پوسٽ بابت ڪيئن خبر پئي؟ جاچ ۾ ان بابت به نه ٻڌايو ويو. عدالت توهين مذهب جي مبينا جوابدار کي هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ ملتان 6 جون 2022 تي جوابدار خلاف شڪايت تي ڪيس داخل ڪيو هو. ٽرائل ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جوابدار جي ضمانت رد ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button