اسلام آبادپاڪستان

عمران جي هيليڪاپٽر تي 2019 کان 2022 دوران 43 ڪروڙ خرچ

اسلام آباد : سينيٽ اجلاس دوران ڪابينا ڊويزن عمران خان جي هيليڪاپٽر جي خرچن جو تفصيل پيش ڪيو آهي. سينيٽ ۾ جمع ڪرايل لکت واري جواب ۾ ڪابينا ڊويزن ٻڌايو ته عمران خان جي هيليڪاپٽر تي جنوري 2019 کان مارچ 2022 دوران 43 ڪروڙ 44 لک رپيا خرچ ٿيا. ڪابينا ڊويزن جي لکت جواب مطابق عمران خان هيليڪاپٽر تي ان دوران هڪ هزار 579 وي وي آئي پي مشن ڪلاڪ مڪمل ڪيا. ڪابينا ڊويزن چيو ته 2019 ۾ عمران خان جو هيليڪاپٽر 479 ڪلاڪ وي وي آئي پي اڏام ڪئي. ان سال ان جي هيليڪاپٽر تي 13 ڪروڙ 19 لک رپيا خرچ آيو. سينيٽ ۾ جمع ڪرايل لکت جواب ۾ ٻڌايو ته 2020 ۾ عمران خان جي هيليڪاپٽر 522 ڪلاڪ وي وي آئي پي اڏام ڪئي، ان سال ان جي هيليڪاپٽر تي 14 ڪروڙ 35 لک رپيا خرچ آيا. 2021 ۾ عمران خان جي هيليڪاپٽر 450 ڪلاڪ وي وي آئي پي اڏام ڪئي، ان سال سندس هيليڪاپٽر تي 12 ڪروڙ 38 لک رپيا خرچ آيو. جنوري کان مارچ 2022 تائين عمران خان جي هيليڪاپٽر 127 ڪلاڪ وي وي آئي پي اڏام ڪئي، ان عرصي ۾ ان جي هيليڪاپٽر تي 3 ڪروڙ 51 لک رپيا خرچ آيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button