شھدادپور: شھدادپور ڀرسان ڳوٺ محمد ابراهيم بالادي ۾ 20 ورهين جي نوجوان ميرل خان ولد ملوڪ بالادي بيروزگاري کان تنگ اچي گھر پيل اندر بندوق سان پاڻ مٿان فائٔر ڪيو، جنهن سبب نوجوان مرڻينگ ٿي پيو، جنهن کي شھدادپور انسٽيٽيوٽ ميڊيڪل سائٔنس اسپتال آندو ويو، جتي نوجوان کي طبي امداد ڏني پئي وئي ته هو زخمن جو سور نه سهندي فوت ٿي ويو. پوليس رپورٽ داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني. اسپتال ۾ موجود وارثن ٻڌايو ته نوجوان بيروزگاري سبب پريشان رهندو هو، جنهن گھر۾ پيل بندوق کڻي ڪمري اندر پاڻ تي فائر ڪري آپگهات ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close