اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان طلب ڪرڻ تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪا مقدس ڳئون ناهي، تنهن ڪري سپريم ڪورٽ حڪم ڏئي، اسان ايڪشن وٺنداسين. ڪالهه چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراھي ۾ 3 رڪني بينچ آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيل حملي متعلق ڪيس جي شنوائي ڪئي. وزيراعظم عمران خان اي پي ايس سانحي واري ڪيس ۾ عدالت طرفان طلب ڪرڻ تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. ان کان اڳ وزيراعظم وفاقي وزير فواد چوڌري سان ڳالهائيندو رهيو، شنوائي شروع ٿيڻ تي چيف جسٽس چيو ته وزيراعظم صاحب توهان اچو. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ٻارن جي وارثن کي مطمئن ڪرڻ ضروري آهي، وارث چاهين ٿا ته ان وقت جي اختيارين خلاف ڪارروائي ٿئي. وزيراعظم عمران خان روسٽرم تي اچي چيو ته آئون قانون جي حڪمراني تي يقين رکان ٿو، ملڪ ۾ ڪا مقدس ڳئون ناهي، توهان حڪم ڪيو، اسان ايڪشن وٺنداسين. هن عدالت کي ٻڌايو ته واقعي جي ڏينهن ئي پشاور ويو هوس، اسپتال وڃي زخمين سان به مليس. واقعي وقت وارث سڪتي ۾ هئا، صوبائي حڪومت جيڪو ازالو ڪري پئي سگهي ڪيائين، والدين چون ٿا ته اسان حڪومت کان امداد نٿا چاهيون، سانحي کانپوءِ نيشنل ايڪشن پلان ٺاهيو ويو، دهشتگردي خلاف جنگ کٽي سين. عدالت 20 آڪٽوبر جي حڪم نامي تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي، جنهن تي وزيراعظم سپريم ڪورٽ کي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته توهان وزيراعظم آهيو، جواب توهان وٽ هجڻ گهرجي. ان تي عمران خان چيو ته هڪ منٽ جج صاحب! توهان ترسو. وزيراعظم چيو ته ٻارن جي وارثن کي الله صبر ڏيندو، اسان معاوضو ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڇا ڪري پئي سگهياسين. اڳ به انهن سان مليو هيس، هاڻ به ملندس. اهو پتو لڳايو ته 80 هزار ماڻهو ڪنهن جي ڪري ماريا ويا، اهو به پتو لڳايو ته 480 ڊرون حملن جو ذميوار ڪير آهي. ان تي چيف جسٽس چيو ته اهو سڀ پتو لڳائڻ توهان جو ڪم آهي، توهان وزيراعظم آهيو، وزيراعظم طور انهن سڀني سوالن جو جواب توهان وٽ هجڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته اي پي ايس متاثرن جو ڏُک آهي ته 80 هزار ماڻهن جو به اسان کي ڏک آهي. توهان اي پي ايس معاملي تي اعليٰ سطحي جاچ ڪميشن ٺاهي ڇڏيو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪميشن جي رپورٽ تي ڪهڙي ڪارروائي ڪئي؟ وزيراعظم چيو ته ان وقت اسان جي حڪومت نه هئي، وارثن کي صرف معاوضو ڏئي سگهياسين ٿئي سو ڏنو سين، ان تي عدالت چيو ته توهان وارثن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي رهيا آهيون. وزيراعظم عمران خان چيو ته اخلاقي ذميواري تي ڪنهن جي خلاف ڪيئن ڪيس داخل ڪريون، تفصيلي بيان لاءِ وقت ڏنو وڃي. شنوائي دوران درخواستگذارن جو چوڻ ھو تھ اي پي ايس حملي ۾ اسان پنھنجا ٻچڙا وڃايا آھن پر ڪجهھ ناھي ٿيو، معاملي جي جاچ ڪري جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي. عدالت اٽارني جنرل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي واقعو سيڪيورٽي ليپس هو، حڪومت کي هن جي ذميواري قبول ڪرڻ گهرجي. هن وقت جي سمورن عسڪري ۽ سياسي عملدارن کي هن جو اطلاع هجڻ گهرجي ها. چيف جسٽس چيو ته اسان جي ايجنسين ۽ ادارن کي سڀ خبر هوندي آهي پر جڏهن اسان جي پنهنجي ماڻهن جي سيڪيورٽي جو مامرو ايندو آهي ته ناڪام ٿي ويندا آهن. جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته آپريشن ضرف عضب جاري هو ۽ ان جي رد عمل ۾ هي واقعو پيش آيو. اسان جي حڪومتي ادارن هن بابت جوڳا اپاءُ ڪرڻ گهرجن ها. اي پي ايس جو واقعو سيڪيورٽي جي ناڪامي هئي، ڪيس ۾ رهجي ويل خلا بابت توهان کي آگاهه ڪرڻ جو چيو ويو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close