پاڪستانسنڌ

ميرواهه گورچاڻي ۾ پورهيت تي ڀائرن جو تشدد، گهر تي به قبضو، انصاف لا دربدر

ميرواہه گورچاڻي: ميرواھه گورچاڻي شهر جي ماڊل ٽائون جي رهواسي پورهيت نوجوان محمد نديم ولد شاهنور راجپوت سگهرن ۾ جڪڙيل پنهنجي دردن جا داستان کڻي صحافين وٽ پهچي ويو. هن روئيندي چيو ته آئون ٽن ٻارن جو پي آهيان، منهنجي گهرواري منهنجا ٽي ٻار عديل راجپوت، نبيل راجپوت ۽ نياڻي نمرا پاڻ سان گڏ وٺي منهنجي ڀائرن ۽ منهنجي ما جي ظلمن خلاف تنگ ٿي پنهنجي مائٽن نيو سعيدآباد هلي وئي آهي، مون سان ظلم آهي، منهنجي ڀاءُ محمد تسليم راجپوت خاص ڪري مون کي سگهرن سان ٻڌي روز تشدد جو نشانو بڻائي ٿو، منهنجو جسم مارڪٽ جي ڪري هنڌان هنڌان سور ٿو ڪري، منهنجي ڀائرن منهنجي ٻن منزلن واري ذاتي گهر تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، ڀائر منهنجي ملڪيت ڦٻائڻ لا مونکي ۽ منهنجي ٻارن کي مارڪٽ ڪن ٿا، منهنجو گهر خالي ڪرائي ڏنو وڃي، مون کي 10 مهينا اڳ ڪوڙي زنا جي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو، آئون 10 مهينا جيل ڪاٽي آيو آهيان. هن گهر ڪئي ته ڀائرن خلاف ڪارروائي ڪري گهر خالي ڪرائي ڏئي تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button