پاڪستانسنڌ

حافظ نعيم ميئر ٿيڻ جي خواهش ۾ تعصب جو مظاهرو ڪندو، اهڙي اميد نه هئي: ناصر حسين شاهه

ڪراچي: سنڌ جي مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه، حافظ نعيم جي بيان کي تعصب تي ٻڌل قرار ڏيندي چيو آهي ته حافظ نعيم ميئر ٿيڻ جي خواهش ۾ تعصب جو مظاهرو ڪندو، اهڙي اميد نه هئي، حافظ نعيم سياسي طور تي مڪمل آزاد آهي. صوبائي وزير جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته حافظ نعيم ميئر ٿيڻ جي خواهش ۾ اهڙي تعصب جو مظاهرو ڪندو، انهي جو اندازو نه هو. هن چيو ته ڪراچي پوليس ۾ هڪ به مقامي نه هجڻ بابت حافظ نعيم جو بيان افسوسناڪ ۽ تعصب تي ٻڌل آهي.

ناصر شاهه چيو ته پيپلز پارٽي جماعت اسلامي وانگر تنگ نظر ۽ متعصب ناهي، حافظ نعيم کي پنهنجي سياسي حيثيت جيتري وڏي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي خمير ۾ عوامي خدمت ۽ سياسي ڏاهپ آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي جي خمير ۾ تعصب آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي مردم شماري تي عمران حڪومت سان اختلاف ڪيو، جڏهن ته جماعت اسلامي انهن جي بي ٽيم هئي. ناصر شاهه چيو ته جماعت اسلامي وساري چڪي آهي ته سندن ئي ماڻهن ڪراچي جي اسڪولن ۾ هٿيار پهچائي تعليم تباهه ڪئي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪراچي جو امن بحال ڪيو، جڏهن ته جماعت هن وقت به دهشتگردي کي هوا ڏئي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button