پاڪستانسنڌ

پيپلز پارٽي نٿي چاهي ته ڪراچي جي آبادي جي صحيح ڳڻپ ڪئي وڃي: حافظ نعيم الرحمان

ڪراچي: امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي خمير ۾ ڪراچي سان دشمني آهي، پيپلز پارٽي نٿي چاهي ته ڪراچي جي آبادي جي صحيح ڳڻپ ڪئي وڃي. ڪورنگي عيد گاهه گرائونڊ ۾ فيملي فيسٽيول جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي حافظ نعيم چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ غلط آدمشماري جي منظوري ڏني، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي خمير ۾ ڪراچي جي دشمني آهي، اها نٿي چاهي ته ڪراچي جي آبادي کي صحيح نموني ڳڻيو وڃي.

هن چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم تي ضابطو آڻڻ ۽ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ سٽي پوليس ۾ 80 سيڪڙو مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪراچي ۾ سنڌ پوليس جا 40 هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر آهن، انهن مان هڪ سيڪڙو به ڪراچي جا ناهي، هن وقت ڪراچي ۾ سڀ کان سستي شيءِ انساني جان آهي، هڪ مهيني ۾ ڪورنگي ۾ مزاحمت ڪندي 4 شهرين کي شهيد ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button