پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ واپارين کان ڦر دوران رينجرز جي ڪارروائي ۾ بدنام افغان ڌاڙيل مارجي ويو

ڪراچي: ڪراچي جي سپر هاءِ وي تي سبزي منڊي ڏانهن ويندڙ واپارين کان ڦر دوران رينجرز جي ڪارروائي ۾ بدنام افغان ڌاڙيل مارجي ويو آهي. رينجرز ذريعن موجب سپر هاءِ وي جي علائقي خميسو ڳوٺ ۾ واپارين کان ڦر جي اطلاع تي رينجرز جي ٽيم ڪارروائي ڪئي. رينجرز جي پهچڻ تي جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڦورو بلال افغاني مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي سخت زخمي ٿي پيو.

پوليس ذريعن موجب مارجي ويل جوابدار بلال افغاني علائقي ۾ وڏين ڪاررواين ۾ ملوث هو، جنهن ڦرلٽ لاءِ 25 کان 30 افغاني ڇوڪرن جو وڏو گروپ ٺاهيو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار واپاري جي سڪيورٽي گارڊ کي قتل ڪرڻ ۽ واردات دوران رائفل ڦرڻ ۾ به ملوث هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button