پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ ڪار سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري خشڪ ميوي جي واپاري کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي جي اتحاد ٽائون ۾ ڪار ۾ سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري خشڪ ميوي جي واپاري کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول لياري جو رهواسي هو. بلديا جي علائقي عيد گاهه گرائونڊ موڙ وٽ اڻڄاتل هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 37 ورهين جو رفيع الله پٽ سردار خان مارجي ويو. مقتول خشڪ ميوي جو واپاري ۽ لياري جي علائقي چاڪيواڙا ڪوئلي گودام جو رهواسي هو، جڏهن ته سڃاڻپ ڪارڊ تي سعيدآباد جو پتو لکيل آهي. مقتول اصل لڪي مروت جو رهواسي هو ۽ هو 5 ٻارن جو پيءُ هو.

مقتول جي کيسي مان 35 هزار رپيا روڪ رقم ۽ قيمتي موبائيل فون مليا، جيڪي پوليس قبضي ۾ وٺي ڇڏيا. پوليس موجب مقتول جو شير شاهه ۾ اسڪريپ جو ڪاروبار هو ۽ بلديا ٽائون ۾ ڊرائي فروٽ جو ڪاروبار هو. واقعي جي وقت مقتول پنهنجي ڪار ۾ خيبر چوڪ کان بلديا ٽائون وڃي رهيو هو ته پٺيان ايندڙ ڪار ۾ سوار جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ رفيع الله کي مٿي ۾ گوليون لڳيون ۽ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button