اسلام آبادپاڪستان

آمريڪي سفارتخاني عملي کي ميريئٽ هوٽل ۾ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد:اسلام آباد ۾ حملن جو خدشو وڌي ويو، حڪومت سيڪيورٽي ها الرٽ ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته آمريڪي سفارتخاني پنهنجي عملي کي اسلام آباد جي ميريئٽ هوٽل ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو. ان ڏس ۾ آمريڪي سفارتخاني پنهنجي ويب سائيٽ تي سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته آمريڪي حڪومت کي خبر آهي ته ڪجهه ماڻهو موڪلن دوران اسلام آباد جي ميريئٽ هوٽل ۾ آمريڪين تي حملي جي سازش ڪري رهيا آهن. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آمريڪي سفارتخاني به موڪلن دوران سمورن عملي کي اسلام آباد ۾ غير ضروري سفر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته شهر ريڊ الرٽ تي آهي ۽ عوامي گڏجاڻين تي پابندي آهي. بيان موجب سفارتخاني پنهنجي عملي کي صلاح ڏني آهي ته هو تقريبن، عبادت گاهه ۽ هجوم واري هنڌن کان پاسو ڪن. اهڙي ريت اسٽاف کي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ذاتي حفاظتي منصوبا رکن، سڃاڻپ ڪارڊ سان گڏ هجن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي درخواستن جي تعميل ڪن ۽ انهن جي آس پاس کان باخبر رهن. آمريڪي سفارتخاني طرفان اها هدايت 23 ڊسمبر تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي سيڪٽر آءِ ٽين واري علائقي ۾ ٿيل ڌماڪي کانپوءِ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا هئا. ٻئي طرف اسلام آباد پوليس دهشتگردي جي امڪاني خطري کي نظر ۾ رکندي سڄي شهر ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏي آهي ۽ شهرين کي سڃاڻپ ڪارڊ گڏ رکڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي. اسلام آباد پوليس طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سڪيورٽي هاءِ الرٽ تحت ريڊ زون سميت شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي چيڪنگ وڌائي وئي آهي، شهري سفر دوران پنهنجا گهربل شناختي دستاويز پاڻ وٽ رکن. پوليس عملدارن چيو ته شهري ريڊ زون ۽ ٻين هنڌن تي چيڪنگ دوران تعاون ڪن، ڪنهن به شڪي سرگرمي جي اطلاع فوري طور 15 نمبر تي ڏنو وڃي. شهرين کي اهو به يقين ڏياريو ويو ته اسلام آباد ڪيپيٽل پوليس شهر ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ هر وقت تيار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button