اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آئي جي هر ميمبر کي ذاتي حيثيت ۾ اچڻو پوندو:اسيمبلي ترجمان

اسلام آباد :ي ٽي آئي جي هر قومي اسيمبلي ميمبر کي ذاتي حيثيت ۾ پنهنجي استيعفا جي تصديق ڪرڻي پوندي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته ميڊيا ۾ هلندڙ پي ٽي آئي جي حوالي سان انهن مبينا اطلاعن جي تناظر ۾ جن ۾ پي ٽي آئي پاران ان جي اسيمبلي ميمبرن جي قومي اسيمبلي اسيپڪر جي سامهون گڏيل طور تي پيش ٿي پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل سيٽن تان استعيفائن جي تصديق جي هڪ دفعو ٻيهر خبر ٻڌجي رهي آهي. قومي اسيمبلي ترجمان قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي هن خط ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي، جيڪو 22 ڊسمبر 2022 تي قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آئي جي پارلياماني ليڊر ۽ جماعت جي وائيس چيئرمين شاهه محمود پاران اماڻيو خط جو جواب موڪليو ويو هو. ترجمان جتي پي ٽي آئي جي ميمبرن جي امڪاني واپسي جي آجيان ڪئي. اتي ڄاڻايل مٿئين خط جو متن به ياد ڏياريو. خط ۾ چيو ويو ته پي ٽي آئي جي قومي اسيمبلي ميمبرن کي استعيفائن جي تصديق لاءِ گهرايو ويندو. پي ٽي آئي جي هر قومي اسيمبلي ميمبر کي ذاتي حيثيت ۾ پنهنجي استعيفا جي تصديق ڪرڻي پوندي، خط ۾ چيو ويو ته پي ٽي آئي جي قومي اسيمبلي ميمبرن کي استعفائن جي تصديق لاءِ قومي اسيمبلي جي طريقڪار 2007 جي قائدن ۽ ضابطن جي ماتحت قاعدي 43 جي پيراگراف بي تحت گهرايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button