پاڪستانسنڌ

مورو ۾ حيدرآباد پوليس جي چڙهائي، عورتن ٻارن تي تشدد، نوجوان کنڀي وئي

مورو: مورو شھر جي درس روڊ احمد آباد ڪالوني ۾ محمد نديم سولنگي جي گھر تي حيدرآباد جي حالي روڊ پوليس جي چڙھائي گھر ۾ موجود عورتن معصوم ٻارڙن تي تشدد ۽ گھر ۾ ڀنڃ ڊاھ ڪري سامان روڪ رقم، لائيسنس وارا ھٿيار ۽ ھڪ نوجوان محمد امين سولنگي کي فائرنگ ڪندا کنڀي ويا، جنھن بعد گھرڌڻين حيدرآباد پوليس جي اھڙي عمل خلاف عورتن معصوم ٻارڙن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ھنن چيو ته حيدرآباد حالي روڊ ٿاڻي جي ايس ايڇ او سيد نثار شاھه پنجون ڀيرو اسان جي گھر تي پوليس چڙھائي ڪري نوجوان محمد امين سولنگي کي کنڀي کڻي ويو آھي، هر ڀيري بنا وارنٽ جي چڙھائي ڪئي وڃي ٿي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. ھنن ڊي آ جي، ايس ايس پي ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي گھر تي چڙھائي ڪندڙ ايس ايڇ او سميت ٻين اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري امين سولنگي کي آزاد ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button